اسلام آبادپاڪستان

اڳوڻو صدر آصف زرداري فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ طلب

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اسلام آباد جي احتساب عدالت اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي مبينه شڪي ٽرانزيڪشن واري ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ 29 سيپٽمبر تي طلب ڪيو آهي.

ذريعن موجب عدالت طرفان 8 ارب رپين جي مبينه شڪي ٽرانزيڪشن واري ڪيس ۾ سمن بلاول هائوس ڪراچي واري ايڊريس تي موڪليو ويو.

واضح رهي ته انکان اڳ اڳوڻي صدر جي مبينه فرنٽ مين مشتاق احمد کي اشتهار قرار ڏيندي ڪيس کان الڳ ڪيو ويو آهي.

مشتاق احمد کي احتساب عدالت اشتهار ذريعي طلب ڪيو هو ۽ 9 سيپٽمبر تي جوابدار کي پيش ٿيڻ جي آخري مهلت ڏني وئي هئي پر هو پيش نه ٿيو جنهن کانپوءِ عدالت مشتاق احمد جو شناختي ڪارڊ بلاڪ ۽ ملڪيت ضبط ڪرڻ جي ڪاروائي شروع ڪرڻ جو به حڪم ڏنو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button