پاڪستانسنڌ

ڏوڪري ويجهو معمولي ڳالهه تان ٿيل جهيڙي جو نبيرو، ڌريون کير کنڊ

ڏوڪري ويجهو ڳوٺ مرزا ۾ معمولي ڳالهه تان جوڻيجا برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٿيل جهيڙي جو نيبرو ڪيو ويو. فيصلي ۾ مشير سڪندر علي جوڻيجو کي مقرر ڪيو ويو، جڏھن ته هڪ ڌر ڪانڊيرو جوڻيجو ۽ ٻي ڌر گلاب خان جوڻيجو وچ ۾ جهيڙي جي فيصلي جو گلاب خان جوڻيجو ڌر مٿان پاڪ ڪتاب سان گڏ ميڙ کڻي وڃڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ٻنهي ڌرين ۾ ٿيل جهيڙي جو فيصلو سردار منظور علي خان جوڻيجي جي سرپئنچي ۾ جوڻيجا هائوس ڏوڪري تي ڪيو ويو، فيصلي جي فتوا بعد ٻنهي ڌرين کي پاڻ ۾ ڀاڪر پارائي کير کنڊ ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button