پاڪستانسنڌ

لاڙڪاڻي ۾ بااثر ماڻهن ۽ پوليس جي ڏاڍ خلاف احتجاجي مظاهرو

لاڙڪاڻي جي بهارپور پاڙي واسين بااثرن ۽ علي گوهر آباد پوليس جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي پيرسن پير بخش ڀٽو پنهنجي ڀائرن زاهد حسين، ارشد علي، ڪاشف، عمران علي ڀٽو ۽ ٻين سان گڏجي دانهيندي چيو ته لاڙڪاڻي جي ڦل روڊ ويجهو اسان جي 22 جريب زمين تي پوکي ڪري پيٽ گذر ڪندا آهيون. هن الزام لڳايو ته بااثر ماڻهن حاڪم عرف حاڪو ڀٽو، لعل بخش عرف لالو ڀٽو، روشن جتوئي، خالد جتوئي ۽ ٻين مونکان 20 لک ڀتو گهريو، انڪار ڪرڻ تي ٻارڙن کي اغوا ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيندا هئا. گذريل اربع ڏينهن بااثر ماڻهن حملو ڪري گهرن مٿان فائرنگ ڪئي، علي گوهر آباد ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي آهي پر پوليس ڪا ڪارروائي ناهي ڪئي. هن اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي پوليس کان پڇاڻو ڪري ڄاڻايل بااثرن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ۽ تحفظ ڏياريو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button