پاڪستانسنڌ

لاڙڪاڻي ۾ قتل ٿيل نوجوان جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي جي مراد واهڻ ۾ ڏيڍ مهينو اڳ گهٽي ۾ ويهڻ کان منع ڪرڻ تان قتل ٿيل نوجوان سمير بروهي جي وارثن مقتول نوجوان جي تصوير کڻي قاتلن جي گرفتاري لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. مقتول نوجوان جي ما شبانه خاتون بروهي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته گهٽي ۾ گهر اڳيان ويهڻ کان منع ڪرڻ تان 13 آگسٽ تي ليڊي اهلڪار ارجمه شاهين جسڪاڻي پنهنجي ڀائرن ۽ مائٽن عمران، علي محمد، مشتاق، نظير، عدالت جسڪاڻي سان گڏجي اسان جي گهر تي حملو ڪري نوجوان پٽ سمير بروهي کي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي جو ڪيس دڙي ٿاڻي تي ڄاڻايل جوابدارن خلاف داخل ڪرايو، جنهن ۾ پوليس صرف ٻن جوابدارن عدالت ۽ نظير جسڪاڻي کي گرفتار ڪري جيل اماڻي ڇڏيو، جڏهن ته مک جوابدار ليڊي پوليس اهلڪار ۽ سندس ڀائرن کي پوليس اڃان گرفتار نه ڪري سگهي آهي، جيڪي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي ته پٽ جي قتل ڪيس ۾ ملوث مک جوابدار ليڊي پوليس اهلڪار ۽ سندس ڀائرن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button