پاڪستانسنڌ

لاڙڪاڻي واسين جو عورت ۽ سندس پٽ جي گرفتاري خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي جي ڀينس ڪالوني جي رهواسين عورت ۽ سندس پٽ کي گرفتار ڪري گم ڪرڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي پيرسن بيواھه ڦتل خاتون مشوري ڌيءُ شبيران، ننهن مريم، پٽ امجد، ڀاڄائي سانئڻ خاتون ۽ ٻين سان گڏجي دانهيندي چيو ته منهنجي ڌيءُ چئن ٻارڙن جي ماءُ صغران خاتون زال بخشل مشوري غربت سبب شهر جي اتاترڪ ٽاور واري علائقي ۾ مرحوم بشير سمون جي گهر ۾ پورهيو ڪري گهرڀاتين جو پيٽ گذر ڪندي آهي، سندس نوجوان پٽ غلام سرور مزدوري ڪندو آهي. هن الزام لڳايو ته 22 سيپٽمبر تي ڌيءُ صغران بشير سمون وارن لاءِ گهر جو سامان خريد ڪرڻ باقراڻي روڊ تي وئي، جتان لاڙڪاڻي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس کيس بيگناهه گرفتار ڪري کڻي وئي، جنهن بعد پوليس هن کي موبائيل ۾ کڻي ڀينس ڪالوني واري گهر آئي، جتان سندس پٽ غلام سرور مشوري کي کنڀي ٻنهي ڄڻن کي نامعلوم هنڌ قيد ڪري ڇڏيو، جنهن بعد دڙي ٿاڻي ۽ رحمت پور ٿاڻي سميت مختلف ٿاڻن تي ڳولا ڪئي پر پوليس اسان کي ٻنهي ماءُ پٽن بابت ڪجھه ٻڌائڻ لاءِ تيار نه آهي، جنهن ڪري سخت پريشان آهيون. هن اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي ڌي ۽ ڏهٽي کي آزاد ڪرائي پريشاني ختم ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button