پاڪستانسنڌ

لاڙڪاڻي پوليس جي مبينا مقابلي ۾ ڏوهاري گرفتار ڪرڻ جي دعوى

لاڙڪاڻو پوليس مبينا مقابلي ۾ ڏوهاري گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪندي کيس اسپتال داخل ڪرائي ڇڏيو. ان حوالي سان ايس ايس پي لاڙڪاڻو عمران قريشي ٻڌايو ته تعلقي ٿاڻي جي پوليس انڊس هاءِ وي گهاڙي ڳوٺ ويجهو ڏوهه جي ارادي سان بيٺل ڏوهارين سان مقابلو ڪري ڏوهاري ساٿي پٽ ضمير جتوئي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪيو آهي. هن ٻڌايو ته زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوهاري ڳوٺ محراب پور جو رهواسي آهي جنهن تي ڏوڪري، رشيد وڳڻ، تعلقي، باقراڻي، باڊهه، الهه آباد، رحمت پور، حيدري ۽ نصيرآباد ٿاڻن تي 17 کان وڌيڪ سنگين نوعيت جا ڪيس داخل آهن جنهن کان وڌيڪ جاري آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button