اسلام آبادپاڪستان

وزيراعظم جو آءِ ايس آءِ سيڪريٽريٽ جو دورو، افغانستان سميت مختلف معاملن بابت بريفنگ

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان انٽر سروس انٽيلي جنس (آءِ ايس آءِ) سيڪريٽريٽ جو دورو ڪيو. وزيراعظم آفيس طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب دوري ۾ وفاقي وزير، بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا جا وڏا وزير به وزيراعظم سان گڏ هئا. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باوجوا، پاڪ فضائيا ۽ پاڪ بحريا جا سربراهه به وزيراعظم جي دوري دوران موجود هئا. ٻڌايو ويو آهي ته ڊائريڪٽر جنرل (ڊي جي )آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد وزيراعظم ۽ ٻين ماڻهن جو استقبال ڪيو. دوري کانپوءِ هڪ اجلاس به ٿي گذريو جنهن ۾ اعليٰ قومي ۽ عسڪري قيادت کي ملڪي سلامتي تي بريفنگ ڏني وئي جڏهن ته افغانستان جي تازي صورتحال کي ڏسندي خطي ۾ تبديلين بابت به بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم عمران خان قومي سلامتي کي درپيش چيلينجن کي منهن ڏيڻ آءِ ايس آءِ جي پيشوراڻي صلاحيتن کي ساراهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button