پاڪستانسنڌغير درجه بندي

ڪراچي مان کنڀي گم ڪيل درزي نوجوان جي وارثن جو احتجاج

ڪراچي مان کنڀيل ڳيريلو واسي نوجوان آزاد نه ٿيو، پيرسن ما پاڪ ڪتاب کڻي ڳيريلو پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ڪراچي من کنڀيل ڳيريلو واسي نوجوان پورهيت شبير بليدي 42 ڏينهن گذرڻ باوجود بازياب نه ٿي سگهيو، سندس بازيابي لاءِ پيرسن ما پاڪ ڪتاب کڻي مائٽن غلام مصطفي بليدي، صدام بليدي، بشير بليدي، وحيد علي بليدي سان گڏجي ڳيريلو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. هن چيو ته منهنجو پٽ درزي آهي جيڪو درزڪو ڪم ڪري ٻچڙن جو پيٽ گذر ڪندو آهي، جنهن کي ڪراچي مان بيگناهه کنڀي گم ڪيو ويو آهي، سوا مهينو گذرڻ باوجود پٽ جو ڪو ڏس پتو ناهي پئجي سگهيو. هنن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، آ جي سنڌ ۽ وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي پورهيت پٽ کي بازياب ڪرايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button