سنڌ

عورت جو مڙس جي سئوٽن خلاف احتجاج


ميرپورخاص ۾ جھڏو جي ڳوٺ علي غلام لغاري جيواسڻ عورت زبيده زال محمد خان لغاري پريس ڪلب پھچي صحافين اڳيان احتجاج ڪيو. عورت زبيده ٻڌايو ته مڙس جا سئوٽ محمد اسلم لغاري، غلام قادر، غلام نبي ، غلام اڪبر لغاري ۽ خميسو ھوت جنھن سان مڙس جو زمين جي ورھاست تان تڪرار ھلندڙ آھي، اهي 10 ڏينھن اڳ منھجي مڙس محمد خان کي پنھجي گھر وٺي ويا، جتي هنن مڙس کي نشي آور شيون کارائي کيس ذھني مريض بڻائي ڇڏيو، مڙس کي منھجي ۽ اولاد خلاف ورغلائي رھيا آھن. هن مطالبو ڪيو تھ ڄاڻايل ماڻھن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ۽ تحفظ فراھم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button