غير درجه بندي

اوٻاوڙو ۾ ڇوڪري جي اغوا ڪوشش ۽ تشدد خلاف احتجاج

اوٻاوڙو ۾ ڄام پاڙي جي رھواسي ٽائون ڪميٽي جي صفائي عملي ڇوڪري جي اغوا ڪوشش ۽ تشدد خلاف نيشنل پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي ذيشان شيخ، امام زادي، فاطمه ۽ ٻين دانهيو ته بااثر ڄام ڀنڀو خان ڏهر اسان جي گهر پنهنجا ماڻهو موڪليا، جن چيو ته اوهان جي ڇوڪري امام زادي کي ڄام ڀنڀو خان ڏهر پنهنجي بنگلي تي وٺي اچڻ لاءِ چيو آهي، اسان جي انڪار تي بااثر شخص جي نوڪرن تشدد ڪري ڏنو. هنن اسان جي نياڻي کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اسان جي رڙين تي پاڙي وارن پهچي بچائي ورتو. جنهن بعد اسان اوٻاوڙو ٿاڻي تي پهتاسين ته پوليس بااثر شخص خلاف ڪارروائي نه ڪئي. هنن مطالبو ڪيوته بااثر شخص خلاف ڪارروائي ڪري اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button