سنڌ

گڊو ٿرمل پاور هائوس جي ملازمن جو الائونس نه ملڻ خلاف ڌرڻو

گڊو ٿرمل پاور هائوس جي ملازمن الائونسز نه ملڻ خلاف واپڊا ھائڊرو ورڪرز يونين جي چيئرمين الهڏنو مستوئي، خادم حسين بوھڙ، شمس الدين سولنگي، نياز سومرو، اقبال چاچڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪم ڇڏ هڙتال ڪري شام جي شفٽ کي روڪڻ لاءِ واپڊا ڪالوني جو داخلي گيٽ بند ڪري گيٽ آڏو شاميانو لڳائي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا. جڏهن ته ڪالوني جو مک گيٽ بند ٿيڻ سبب ڪالوني کان پاور هائوس يا شھر طرف ايندڙ ويندڙ ماڻهن کي سخت تڪليف جو منهن ڏسڻو پيو. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت پاران اعلانيل الائونس نه ملڻ خلاف گذريل ڪيترن ڏينهن کان پر امن احتجاج ڪري رهيا آهيون پر اڄ سڄو ڏينهن گيٽ آڏو ڌرڻو هڻي گڊو ٿرمل پاور هائوس طرف ويندڙ شام جي شفٽ کي روڪي ملازمن کي احتجاج ۾ شامل ڪنداسين. هنن چيو ته ظلم جي انتها آهي ته وفاقي حڪومت پاران اعلانيل الائونس وفاقي کاتن جي سڀني ملازمن کي ملي چڪو آهي پر اسان جينڪوز جي ملازم الائونس کان محروم آھيون. هنن چتا ڏنو ته جينڪوز ملازمن کي جلد کان جلد الائونس نه ڏنا ويا ته احتجاج جاري رهندو، جڏهن ته واپڊا ڪالوني جو داخلي گيٽ بند ڪري ڌرڻو هڻي ويٺل ملازمن شام جي شفٽ کي پاور هائوس نه ڇڏڻ جي اطلاع بعد گڊو ٿرمل پاور هائوس جو چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سلمان ملڪ گڊو ٿرمل پاور هائوس جي سيڪيورٽي آفيسر ميجر مدثر ۽ ٻين کي وٺي ڌرڻي واري هنڌ پهچي اڳواڻن کي شام جي شفٽ نه روڪڻ لاءِ منٿ ميڙ ڪئي، جنهن بعد ملازمن کي خطاب ڪندي گڊو ٿرمل پاور هائوس جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سلمان ملڪ چيو ته وفاقي حڪومت پاران اعلانيل الائونس وفاق جي سڀني ملازمن کي ملي ويو آهي پر جينڪوز جي ملازمن کي الائونس نه ملڻ ملازمن سان ناجائزي آهي. ھن چيو ته الائونس جي حاصلات لاءِ اوهان پنھنجو احتجاج جاري رکو پر مھرباني ڪري شفٽ کي نه روڪيو وڃي، جيڪڏهن پاور هائوس نه ھلندو ته نقصان ڏسڻو پوندو. ھن چيو ته الائونس اوهان جو حق آهي ان لاءِ 19 تاريخ تي واپڊا جي اختيارين جي ميٽنگ رکيل آهي، اميد ته ان ڏينهن اوهان جو مسئلو حل ٿي ويندو. ان گڏجاڻي ۾ اوهان لاءِ سفارش ڪندس جڏهن ته اھڙي خاطري بعد ملازمن ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button