اسلام آبادپاڪستان

اپوزيشن جو عدم اعتماد ووٽنگ لا پٽيشن داخل ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد :گڏيل اپوزيشن طرفان عدم اعتماد جي رٿ جي پرامن ۽ بنا روڪ ٽوڪ ووٽنگ لا عدالت ۾ درخواست داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اها پٽيشن اسلام آباد ها ڪورٽ ۾ اڄ داخل ڪئي ويندي. ان ڏس ۾ نوازليگ اڳواڻ احسن اقبال، مولانا عبدالغفور حيدري، سينيٽر اعظم نذير تارڙ ها ڪورٽ پهتا. جتي هنن ميڊيا سان ڳالهائيندي هنن چيو ته قومي اسيمبلي جي ميمبرن کي عدم اعتماد بابت ووٽنگ لا آئين ذميواري نڀائڻ کان نه روڪيو وڃي. گڏيل اپوزيشن اڄ پٽيشن داخل ڪندي. جڏهن ته مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته عمران خان جيڪڏهن سچ ۾ جمهوريت تي يقين رکي ٿو ته جلسن بدران پارليامينٽ ۾ پنهنجي اڪثريت ثابت ڪري. عمران خان عدم اعتماد جي شڪست کان بچڻ لاءِ يا ان جو داغ ڌوئڻ لاءِ ماڻهن جي ميڙ جو سهارو وٺي رهيو آهي. وزيرن جا بيان آهن ته اسيملي ميمبرن کي اسان جي هجوم مان لنگهڻو پوندو. احسن اقبال چيو ته اهڙي قسم جا قدم هٽلر پنهنجن مخالفن لاءِ استعمال ڪندو هو. هن چيو ته جيڪڏهن هو ايوان جو اعتماد وڃائي چڪو آهي ته اسپورٽس مين اسپرٽ جو مظاهرو ڪري. هن وقت هر اتحادي کي ايوان ۾ به ۽ عوام جي عدالت ۾ به فيصلو ڪرڻو آهي. ليگي اڳواڻ چيو ته پاڪستان جو عوام هن مهانگائي جي حڪومت کان بيزار ٿي چڪو آهي. عوام هن حڪومت کي گهر موڪلڻ چاهي ٿو، جيڪڏهن ڪوئي به هن مهانگائي حڪومت کي ووٽ ڏيندو. هن ايندڙ اليڪشن ۾ ان کان بدترين انتقام وٺندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button