سنڌ

نواب ولي محمد واقعي جا مک جوابدار گرفتار نه ٿيا،ايس ايس پي طلب

نواب ولي محمد ڀرسان ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿيل پنجن ڳوٺاڻن ۽ ھڪ پوليس آفيسر واري ڪيس جي شنوائي نوابشاهه ۾ قائم دھشتگردي جي خاتمي واري عدالت ۾ ٿي. مرزا پور ٿاڻي جي پوليس ڪيس ۾ گرفتار سمورن جوابدارن کي سخت سيڪيورٽي انتظامن ھيٺ عدالت ۾ پھچايو. جوابدارن ۾ غلام شبير زرداري، لطف مري، غلام مصطفى مري، مشتاق ماڃوٺو، مقيم خاصخيلي، جڏھن ته انسپيڪٽر عبدالحميد کوسو جي قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدارن ۾ اميد علي زرداري، برڪت علي زرداري ۽ منظور زرداري شامل آهن. عدالت پوليس کي جوابدارن جو چالان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي اڄ تائين شنوائي ملتوي ڪري ڇڏي. ان موقعي تي مقتول صابن، اڪمل، معشوق، اياز، ٽروهه فقير جي فريادي ابن ڀنڊ پاران عدالت کي ڏنل درخواست ۾ پوليس جي ڪارڪردگي تي عدم اطمينان جو اظھار ڪندي چيو آھي ته پوليس اڃان تائين ڪيس جي ٻن مک جوابدارن محسن زرداري ۽ عابد زرداري کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ لاءِ ڪو به قدم نه کنيو آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button