سنڌ

مورو ڀرسان 2 ٻار بيٺل پاڻي جي کڏ ۾ وهنجندي ٻڏي فوت

مورو ويجھو ڳوٺ ھوت خان بھراڻي ۾ 2 ٻار حامد پٽ امام علي عرف ڪالو بهراڻي ۽ اخلاق پٽ خان محمد بهراڻي بيٺل پاڻي جي کڏ ۾ وهنجڻ دوران ٻڏي ويا، جن کي ٻين ٻارن جي دانهن تي ڳوٺاڻن پهچي بيهوشي حالت ۾ ٻاهر ڪڍي مورو اسپتال منتقل ڪيو ته ڊاڪٽرن ٻنهي ٻارن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، جنهن تي روڄ راڙو مچي ويو. ان موقعي تي فوتي ٻارن جي وارثن ٻڌايو ته ڳوٺ جا ڪجھه ٻار کڏ ۾ وھنجي رھيا ھئا ته اسان جا 2 ٻار ٻڏي ويا. ٻين ٻارن جي دانھن تي پھچي کين پاڻي مان بيھوشي حالت ۾ ڪڍيو. هوڏانهن فوتي ٻارن جا لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، جيڪي مڙهه کڻائي ڳوٺ پهتا ته سندن گهرن ۾ ڪهرام مچي ويو. جڏهن ته علائقي ۾ ڏک جي لهر پکڙجي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button