سنڌ

خيرپور ۾ ڪڻڪ جا سينٽر کلي ويا،باردانو نه پهتو،واپاري ميدان تي اچي ويا

خيرپور ۾ ڪڻڪ جي خريداري لا 52 سرڪاري سينٽر قائم ٿي ويا، حڪومت 14 لک ٻورين جو حدف مقرر ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي طرف خيرپور ضلعي ۾ ڪڻڪ جو لابارو شروع ھجڻ ۽ ڪڻڪ مارڪيٽ ۾ پھچڻ باوجود سنڌ حڪومت جي خوراڪ کاتي نه ته سينٽرن تي باردانو مھيا ڪيو آھي نه وري خريداري شروع ڪئي آھي. جنهنڪري واپاري ننڍن آبادگارن کان گھٽ اگھه ۾ ڪڻڪ جي خريداري لا ميدان تي اچي ويا آھن. اڪثر آبادگار لابارو ڪري ڪڍيل ڪڻڪ رکڻ لا جا نه ھجڻ ڪري پريشاني جو شڪار آھن. اھي گھٽ اگھه تي واپارين کي ڪڻڪ وڪرو ڪرڻ تي مجبور آھن. ان ڏس ۾ آبادگار اتحاد جي اڳواڻن دين محمد چانگ، ڪانڊيرو خان سھتو، خدابخش سھتو ۽ حاجي خان چانگ جو چوڻ آھي ته خوراڪ کاتي پاران ھميشه خريداري واري عمل ۾ دير ڪئي ويندي آھي، جنھن سان آبادگارن کي پريشاني ۽ نقصان ٿيندو آھي ۽ واپاري فائدو کڻندا آھن، جنھن لا فوري طور باردانو ڏئي خريداري شروع ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button