سنڌ

سڳيون ڀرسان سڙي زخمي ٿيل هڪ وڌيڪ ٻار فوت،انگ 4 ٿي ويو

سڳيون ڀرسان ڳوٺ شاھنواز ڀٽي ۾ ڳوٺاڻي رياض احمد ڀٽي جي گھر ۾ ڦٽاڪن سبب باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ سڙي زخمي ٿيل ھڪ وڌيڪ معصوم ٻار اويس ڀٽي اسپتال ۾ علاج دوران زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو، جنهن کانپو دردناڪ واقعي ۾ فوت ٿيلن جو انگ وڌي 4 ٿي ويو آھي. واقعي ۾ ڪالھه 3 ٻار مھدي حسن ڀٽي، سندس ڀيڻ عارفه ۽ وقار احمد ڀٽي فوت ٿيا ھئا، جڏھن ته ھڪ ٻار اويس احمد ڀٽي گمس ۾ علاج هيٺ هو. واقعي بعد ڳوٺ توڙي ڀرپاسي جي علائقي ۾ سوڳ واري صورتحال آھي. ھوڏانھن فوت ٿيل چئن معصوم ٻارن واري واقعي بعد ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر خيرپور ڊاڪٽر رحمت الله سولنگي بنيادي صحت مرڪز سڳيون پھتو ۽ صحت مرڪز لا ايمبولينس ۽ 3 بيڊ ڏيڻ جو اعلان ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button