سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ ڪروڙين روپين جو فراڊ ڪندڙ شخص خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ غريب ۽ اٻوجھ ماڻھن سان فراڊ ڪري ڪروڙين روپيا ڦٻائيندڙ ڊان گولو سرويچ چنا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ڪوٽڙي واسي ڊان گولو سرويچ چنو طرفان دادو، لاڙڪاڻو، سکر، ڄامشوري ۽ حيدرآباد ضلعن جي سوين ماڻھن کي رقم ٻيڻي ڪرڻ، وڌيڪ منافعو ڏيڻ توڙي ڪرپٽو ڪرنسي بٽ ڪوائن جو سبز باغ ڏيکاري ڪروڙين روپيا کڻي فرار ٿيڻ واري واقعي خلاف ميھڙ جي سماجي اڳواڻ علي سکا منگي پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي سماجي اڳواڻ علي سکا منگي چيو ته ڊان گولو سرويچ چنو غريب ماڻھن کي رقم ٻيڻي ڪرڻ، وڌيڪ منافعو ڏيڻ سميت بٽ ڪوائن جو خواب ڏيکاري ڪروڙين روپيا کڻي فرار ٿي ويو آھي، جنھن سبب سوين ماڻھو پنھنجي پئسن کان محروم ٿي ويا آھن، جيڪو ظلم ۽ زيادتي آهي. ھن ڊي جي ايف آءِ اي، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين اختيار ڌڻين کان مطالبو ڪيو ته فراڊي سرويچ چنو کي فوري گرفتار ڪري متاثرن کي رقم ڏياري کين تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button