سنڌ

قمبر ۾ پيرسن عورت جو پوليس جي ڏاڍ خلاف احتجاج

قمبر جي نصير آباد ناڪي جي رهواسڻ پيرسن عورت غلام سڪينا معصوم ٻارڙن سميت پريس ڪلب آڏو دانهيندي چيو آهي ته هفتو اڳ قمبر سٽي ٿاڻي جي پوليس پٽ سجاد تنيوکي بنا جواز گهر مان کنڀي کڻي چرس جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، جيڪو سراسر ظلم آهي. پيرسن عورت چيو ته پٽ سجاد تنيو کي ڪوڙي ڪيس مان بچائڻ لاءِ سٽي ٿاڻي تي پاڪ ڪتاب کڻي ويس پر پوليس ڌڪاري ڪڍي ڇڏيو. پيرسن عورت وسوارن کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي پٽ کي آزاد ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button