سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ قمبر واسين جو ڳوٺاڻي جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ قمبر تعلقي جي ڳوٺ شير محمد بليدي واسي عورتن ۽ ٻارڙن پاڪ ڪتاب کڻي ڪجھه ڏينهن اڳ مبينا قتل ۽ زخمي ٿيل ڳوٺاڻن سان انصاف نه ٿيڻ خلاف ڪالهه ٻئي ڏينهن به پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي عورتن نور خاتون بليدي، ريشمان بليدي، بيگم خاتون، گجر خاتون، وزيران خاتون، حاڪم خاتون، ارباب خاتون بليدي ۽ ٻين ٻارڙن سان گڏجي دانهيندي چيو ته اسان جو امداد بليدي ڌر سان 10 سالن کان وٺي زمين ۾ پاڻي ڇوڙ ڪرڻ تان خوني تڪرار هلندڙ آهي، جنهن معاملي تان 11 مارچ تي سينٽرل جيل ويجهو مخالف هٿياربندن اربيلو بليدي، رکيل بليدي، امداد علي، خان بليدي، محمد وارث، جڙيل بليدي ۽ ٻين پنهنجي مائٽ قيدي سان ملڻ لاءِ جيل ويندڙ دلبر بليدي، پيارل بليدي ۽ سوناري خاتون مٿان حملو ڪري گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو، جن مان دلبر بليدي چانڊڪا اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. پوليس سوناري خاتون بليدي جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ، جنهن بعد پوليس هڪ جوابدار اربيلو بليدي کي گرفتار ڪيو، مک جوابدار امداد بليدي ۽ ٻين کي پوليس گرفتار نه ڪري سگهي. هنن چيو ته خوني تڪرار تان مخالفن اڳ به مختلف وقتن تي اسان جي 6 ڄڻن محمد عاقل بليدي، اربيلو بليدي، ڄام بليدي، بخشل، دين محمد ۽ بدرالدين بليدي قتل ڪري چڪا آهن. هنن اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي دلبر بليدي جي قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button