سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ نوجوان جو ڀا جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي جي مسڻ پور پاڙي جي رهواسي نوجوان ڀاءُ جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي نوجوان سيد حبدار علي شاهه دانهيندي چيو ته منهنجي والد سيد شمشير شاهه جي الھ آباد پاڙي ۾ جڳهه آهي، جنهن ۾ مون سميت ٻه ڀائر سيد مجاهد شاهه ۽ سيد اعتبار شاهه برابر جا حصيدار آهيون. اسان جو وڏي ڀاءُ سيد مجاهد شاھه اسان کان الڳ رهندو آهي، جنهن اسان کان جڳھ مان حصو گهريو، جيڪو اسان ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، اهڙي معاملي جي راڄوڻي پڻ ٿيل آهي، ڀاءُ سيد مجاهد شاهه ۽ سندس سالا ثقيب شاهھ، ذيشان شاھه ۽ سراج شاهه لالچي ماڻهو آهن، جيڪي مون سميت ڀاءُ سيد اعتبار شاهه مٿان ڪوڙا ڪيس ڪرائڻ سميت موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، جن مان جان جو خطرو آهي. هن اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي بااثر ڀاءُ سيد مجاهد شاهه ۽ سندس سالن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button