سنڌ

لاڙڪاڻي ويجهو ڳوٺاڻن جو بااثر جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي ويجهو ڳوٺ علي محمد عمراڻي واسي ڳوٺاڻن بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي حاڪم عمراڻي، بشير عمراڻي ۽ عبدالخالق عمراڻي دانهيندي چيو ته اسان ابن ڏاڏن کان وٺي ڳوٺ علي محمد عمراڻي ۾ رهائش پذير آهيون، جتي اسان جا 25 کان وڌيڪ گهر آباد آهن. هڪ سال اڳ بااثر وڏيرن ظفر الله ڪلهوڙو ۽ محمد خان سهتو هٿياربندن سان گڏجي ڏاڍ جي زور تي ڳوٺ جو مين رستو بند ڪرائي پنهنجي زمينن سان ملائي ڇڏيو آهي، جنهن ڪري سخت ڏکيائين کي منهن ڏيئي رهيا آهيون. اهڙيون دانهون ڪيترائي ڀيرا ايس ايس پي آفيس سميت آريجا ڦيڙو پوليس کي ڏنيون پر ڪو تدارڪ ناهي ڪيو ويو، بااثر خاموش رهڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، جيڪو ظلم ۽ زيادتي آهي. هنن اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي بااثرن خلاف ڪارروائي ڪري ڳوٺ جي رستي کي بحال ڪرائي انصاف ڏياريو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button