سنڌ

چانڊڪا اسپتال جي ورڪر جو پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاج

چانڊڪا ٽيچنگ اسپتال لاڙڪاڻي جي سينيٽري ورڪر پگهارون نه ملڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي درويش واهڻ پاڙي واسي سينيٽري ورڪر مڪيش ڪمار دانهيندي چيو ته مان 26 سالن کان وٺي چانڊڪا اسپتال ۾ سينيٽري ورڪر طور ڊيوٽي ڪريان پيو. جڏهن ته ڪجھه سال اڳ مجبوري تحت وياج تي پيسا ورتا هئا، جنهن بعد بااثر وياج خور مون مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو، جنهن بعد پوليس گرفتار ڪري جيل حوالي ڪري ڇڏيو، جيل اندر قيد هجڻ سبب مان ڪجھه مهينا ڊيوٽي ادا نه ڪري سگهيس، پر هن وقت مان باقائدگي سان ڊيوٽي ڪري رهيو آهيان. هن چيو ته چانڊڪا جي ايم ايس ڊاڪٽر عبدالستار شيخ گذريل 8 مهينن کان وٺي پگهار بند ڪري ڇڏي آهي، جنهن ڪري معصوم ٻچا بکو ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، جڏهن ته ڪجهھ ڏينهن اڳ مان ايم ايس ڊاڪٽر عبدالستار شيخ ڏانهن پاڪ ڪتاب کڻي ويس پر هن دڙڪا ڏئي ڪڍي ڇڏيو. هن سنڌ حڪومت، صوبائي وزير صحت، سيڪريٽري صحت کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي پگهارون ڏياري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button