اسلام آبادپاڪستان

لوٽا ظاهر ٿي رهيا آهن،تحريڪ انصاف آخري وقت تائين مقابلو ڪندي:وفاقي وزير

اسلام آباد :وفاقي حڪومت جي وفاقي وزيرن چيو آهي ته تحريڪ انصاف آخري وقت تائين مقابلو ڪندي، اقتدار لا سوديبازي نه ڪنداسين.ڪالهه اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ۽ سنڌ هائوس ۾ ميمبرن جي موجودگيءَ تي ردعمل ڏيندي سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته تمام گهڻو پئسو سنڌ هائوس منتقل ڪرڻ جي اطلاع آهن ۽ سنڌ هائوس ۾ ماڻهن کي رکڻ لاءِ پوليس گهرائي وئي آهي. هن چيو ته هن وقت هارس ٽريڊنگ جو مرڪز سنڌ هائوس آهي، اسان ان تي وڏو ايڪشن پلان ڪري رهيا آهيون. فواد چوڌري چيو آهي ته ڪارروائي جي ڊپ کان لوٽا ظاهر ٿيڻ شروع ٿيا آهن، اسپيڪر کي گهرجي ته ڪارروائي ڪري، انهن ضمير فروشن کي تاحيات نااهل قرار ڏئي. هن چيو ته پنجن ماڻهن کي 5 کان 20 ڪروڙ رپيا مليا. خچرن ۽ گهوڙن جون منڊيون لڳي ويون. صحافي کانئس سوال ڪيو ته ڇا توهان سنڌ هائوس تي ريڊ ڪندئو؟ جنهن تي هن چيو ته ريڊ جي خبر ناهي پر سخت ايڪشن ٿيندو. حماد اظهر ۽ فواد چوڌري سان گڏ وفاقي وزير اسد عمر پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته عمران خان نه ڪنهن کي بليڪ ميل ڪري ٿو ۽ نه ئي بليڪ ميل ٿيڻ لا تيار آهي ۽ نه پئسي جي سياست ڪئي آهي. هن چيو ته اڄ ٻيهر ڏٺو سين ته عمران خان سچو ثابت ٿيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم ٻڌايو هو ته ڪيئن سنڌ هائوس نوٽ پهتا آهن ۽ پو لوٽا ظاهر ٿي رهيا آهن. هن چيو ته ڪنهن کي شڪ نه هجڻ گهرجي، عمران ذات لا سياست نه پيو ڪري، قوم کيس وزيراعظم ٺاهيو آهي. ان موقعي تي حماد اظهر چيو ته اقتدار لا وزارتون نه ورهائينداسين، عمران خان ڪرپشن جي نظام خلاف اٿي بيهندو. ڪا به سوديبازي نه ڪئي ويندي، اتحادين سان رابطا جاري رهندا. ٽي وي تي ڪجهه چهرا سامهون آيا آهن، انهن کي عمران خان جي ڪري ووٽ مليا، اڄ اهي ووٽ مينڊيٽ خلاف ڏين ٿا. فواد چوڌري دعويٰ ڪئي ته هڪ عورت ايم اين اي کي 7 ڪروڙ رپيا ڏنا ويا. هن چيو ته ڪارڪن مڇريل آهن پر چوان ٿو ته قانون هٿ ۾ نه کڻو، احتجاج ڪرڻ توهان جو حق آهي. هن وقت ڇانگا مانگا سنڌ هائوس آهي، واپاري چونڊيل نمائندن جي خريداري ڪري رهيا آهن. جيڪو بي شرم چئي ٿو ته ضمير جو ووٽ ڏيان ٿو، ان کي چوان ٿو ته ضمير چئي ٿو ته هي توهان جي پي جو ووٽ ناهي، هي عمران خان جو ووٽ آهي. توهان استعيفا ڏيو. آرٽيڪل 63 اي تحت ناراض ميمبرن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button