سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ شاگردن جو آصفه ڊينٽل ڪاليج انتظاميا خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي جي الھ آباد پاڙي جي رهواسي ٻن شاگردن بي بي آصفه ڀٽو ڊينٽل ڪاليج انتظاميا علاج لاءِ ايندڙ مريضن کان فيس وٺڻ واري عمل خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج جي شاگرد رضوان جتوئي پنهنجي دوست دانش قدير مسڻ سان گڏجي دانهيندي چيو ته مونکي ڏند ۾ تڪليف هئي، جنهن لاءِ مان چيڪ اپ ڪرائڻ لاءِ بي بي آصفه ڊينٽل ڪاليج پهتس، جتي اسپتال انتظاميا طرفان مون سميت ٻين مريضن کان ايڪسري سميت هر هڪ ٽيسٽ لا پرائيويٽ اسپتالن جيان فيس ورتي وئي. هن چيو ته اسپتالن ۾ ايندڙ مريضن کي ٻنهي هٿن سان لٽيو ۽ ڦريو ٿو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button