سنڌ

سنڌ جي 37 سيڪڙو آبادي کي ڪرونا ويڪسين لڳي چڪي

سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪرونا وائرس سبب وڌيڪ 3 مريض فوت ٿيا ۽ فوتين جو انگ 7382 ٿي ويو آهي. اهڙو اظهار سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اربع ڏينهن وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل هڪ بيان ۾ ڪيو.

مراد علي شاهه چيو ته 14804 ٽيسٽون ڪيون ويون جنهن مان 528 ڪيس ظاهر ٿيا. هن چيو ته هيستائين 6010469 ٽيسٽون ڪيون ويون آهن جن مان 456363 ڪيسن جي تشخيص ڪئي وئي. وڏي وزير چيو ته هن وقت 21179 مريض علاج هيٺ آهن انهن مان 20697 گهرن ۾، 32 آئسوليشن سينٽرن ۾ ۽ 450 مختلف اسپتالن ۾ آهن.

هن چيو ته 420 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي جن ۾ 36 کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو آهي.

ويڪسينيشن ڊيٽا شيئر ڪندي وڏي وزير چيو ته 27 سيپٽمبر تائين 16119854 ويڪسينون لڳايون ويون آھن، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 183255 ويڪسين هنيون ويون، مجموعي طور تي 16303109 ويڪسينون لڳايو ويون جيڪي آبادي جو 37 ڏهائي 16 سيڪڙو آھن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button