سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ رٽائرڊ فوجي جو گئس آفيس جي ٺيڪيدار خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي جي سستي بستي جي رهواسي رٽائر فوجي گئس آفيس لاڙڪاڻي جي نجي ٺيڪيدار جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي الطاف حسين جتوئي صحافين آڏو دانهيندي چيو ته گذريل جون مهيني ۾ مان گئس آفيس جي نجي ٺيڪيدار ذوالفقار شر ۽ ڊرائيور حاڪم سومرو کي نئين ڪنيڪشن لاءِ ساڍا 9 هزار ڏنا هئا پر ڪيترائي مهينا گذرڻ باوجود ڪنيڪشن ناهي ڏنو ويو. هن الزام لڳايو ته گئس آفيس جو نجي ٺيڪيدار ذوالفقار شر ۽ حاڪم سومرو ڪنيڪشن لڳائڻ لاءِ مونکان 5 هزار روپيا رشوت طلب ڪري رهيا هئا، جيڪا نه ڏيڻ جي صورت ۾ هو مونکي آفيس جا چڪر ڪٽرائي سامان نه هجڻ جو جواز ڄاڻائي موٽائي رهيا آهن

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button