سنڌ

امداد محمد شاهه سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌ جو آواز ڀرپور نموني اٿاريو:جلال شاهه

برک سياستدان سنڌ اسيمبلي ۾ اڳوڻي اپوزيشن ليڊر مرحوم سيد امداد محمد شاهه جي 17هين ورسي سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ مجيد ڪيريو ۾ ملهائي وئي، ان موقعي تي ايس يو پي سربراهه سيد جلال محمود شاهه، سيد ضيا شاهه، روشن ٻرڙو، فلڪ شير، ماڻڪ ملاح سميت ٻين ڪارڪنن مزار تي پهچي گلن جي چادر چاڙهي دعا گهري. ان موقعي تي ايس يو پي سربراهه سيد جلال محمود شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ۾ سنڌ جي مختلف مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. عمران خان ناتجربيڪار آهي پر بي ايمان ناهي. سن واقعو مذمت جوڳو آهي، جيڪو ٿيو غلط ٿيو آهي. سيد زين شاهه تي داخل ڪوڙا ڪيس ڪورٽن ذريعي ختم ٿي ويندا. زين شاهه ضمانت لاءِ درخواست نه ڏيندو. هن چيو ته بابا سائين امداد محمد شاهه سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌ جو آواز ڀرپور نموني اٿاريو. سندس ڪيل فيصلا اڄ به تاريخ جو حصو آهن. هو سچو ۽ کرو انسان هو. پيپلز پارٽي سنڌ ۾ ڪرپشن جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button