سنڌ

لکي غلام شاهه ويجهو پراڻي تڪرار تان فائرنگ ۾ نوجوان قتل

لکي غلام شاهھ ويجهو پراڻي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ ڪري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو. لکي غلام شاهھ ٿاڻي جي حد سکر-شڪارپور روڊ وزير آباد گيٽ وٽ موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري ڳوٺ علي آباد نون واسي شاهنواز نون کي ٿڏي تي قتل ڪري ڇڏيو. جڏهن ته هڪ ڄڻو محمد آصف نون سخت زخمي ٿي پيو، اطلاع تي لکي پوليس پهچي لاش ۽ زخمي کي کڻائي لکي غلام اسپتال پهچايو. زخمي آصف نون ٻڌايو ته اسان ڪرونا ويڪسين ڪرائي ڳوٺ طرف وڃي رهيا هئاسين ته رستي تي پنهنجي برادري جي موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن حملو ڪري ڏنو. هوڏانهن لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته زخمي جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button