پاڪستانسنڌ

ايم آر ڊي ۾ 52 جيالن کي شهيد ڪيو ويو:غلام قادر چانڊيو

ايم آر ڊي جي شهيدن جي 38هين ورسي سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ پنهل خان چانڊيو ۾ ملهائي وئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي پ پ ايم پي اي غلام قادر چانڊيو چيو ته جمهوريت جي بقا لاءِ جاکوڙيندڙ ۽ جنرل ضياء جي مارشل لا خلاف پرامن احتجاج ڪندڙن مٿان ريڊ ڪري قرآن پاڪ جي تلاوت ڪندي کين شهيد ڪيو ويو. ان کانپو منهنجي والد پنهل خان چانڊيو، ڀاءُ غلام عباس چانڊيو سميت 52 ماڻھن کي گرفتار ڪري سخت تشدد جو نشانو بڻايو ويو، جنهن ۾ منهنجو والد پنهل خان شهيد ٿي ويو. علي اڪبر جمالي چيو ته ايم آر ڊي جي شهيدن پنهنجي رت سان جمهوريت کي ريج ڏنو آهي. پنهل خان چانڊيو جي سرفروش جيالن وقت جي جابر ضياءالحق سان مهاڏو اٽڪايو ۽ انهن خالي هٿين جيالن مٿان گوليون وسائي کين شهيد ڪيو ويو. ورسي تقريب کي علي نواز چانڊيو، الهه بچايو ڀٽي، عبداللطيف ملاح ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button