سنڌ

قمبر ۾ ڳوٺاڻي جو پوليس اهلڪار جي ڏاڍ خلاف پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج

قمبر ۾ ڳوٺاڻي پوليس اهلڪار جي ڏاڍ خلاف پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج ڪيو. ان موقعي تي اختيار علي چانڊيو، پٽن سميت پريس ڪلب اڳيان دانهيندي چيو ته پوليس اهلڪار غلام مصطفى چانڊيو اسان جي اچڻ وڃڻ جو رستو بند ڪري ڇڏيو آهي، اسان ايس ايس پي قمبر وٽ به درخواست جمع ڪرائي آهي پر اسان جو مسئلو اڃا تائين حل نه ٿي سگهيو آهي. ٻه ٽي سالن کان وٺي رستو بند هجڻ ڪري سخت پريشان آهيون. هنن اختيارين کي اپيل ڪئي ته پوليس اهلڪار جي ڏاڍ جو نوٽيس وٺي انصاف ڏياريو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button