سنڌ

قمبر پوليس جي 9 ڏوهاري ۽ منشيات فروش گرفتار ڪرڻ جي دعوى

قبوسعيد خان ٿاڻي جي ايس ايڇ او دهشتگردي ۾ گهربل ٻه جوابدار گهنور خان بروهي، شهزادو بروهي ۽ قتل ڪيس ۾ گهربل پرويز علي مگسي، صفت مگسي، سڪندر مگسي، مير گل آدماڻي مگسي کي گرفتار ڪري ورتو. ايس ايڇ او قمبر سٽي ٻير روڊ تي ڪارروائي ڪندي جوابدار نثار چانڊيو کي بنا لائنس پسٽل رکڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار ڪري ورتو. ايس ايڇ او گاجي کهاوڙ ڌامراهه واهه تي ڪارروائي ڪندي بنا لائسنس رپيٽر سميت جوابدر عبدالخالق سولنگي کي گرفتار ڪيو. ايس ايڇ او ٿاڻو اي سيڪشن باءِ پاس وٽ منشيات فروش عرفان علي کوسي کي پنج ڪلو چرس سميت گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button