سنڌ

ميان صاحب ويجهو پوليس مبينا مقابلي ۾ نوجوان کي ماري ڇڏيو

ميان صاحب ويجھو سلطان ڪوٽ ٿاڻي جي حد زرخيل لنڪ روڊ تي گشت دوران پنجن ڏوهارين سان پوليس جو مبينا مقابلو ٿي پيو، جنھن ۾ ڳوٺ حاجي خواستي جو رھواسي هڪ ڦورو علي بخش پٽ نور محمد بروهي مارجي ويو ۽ ھڪ ڏوھاري زخمي ٿي پيو، جنھن کي پنھنجا ساٿي فائرنگ ڪندي کڻي ويا. مارجي ويل ڏوھاري جو لاش ضروري ڪارروائي بعد سلطان ڪوٽ اسپتال منتقل ڪيو ويو. جتان وارث پوسٽ مارٽم لا لاش شڪارپور اسپتال کڻائي ويا. پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. پوليس موجب مقابلي ۾ مارجي ويل ڏوھاري علي بخش بروهي تي بلوچستان جي علائقي سبي ٿاڻي تي ٻه ڦر جا ڪيس داخل آھن، ڏوهاري جي رائيفل به پوليس هٿ ڪري ورتي آهي. ٻئي طرف اھڙي پوليس مقابلي جو ڪيس ايس ايڇ او محمد نواز ڪورائي جي فرياد تي سلطان ڪوٽ ٿاڻي تي مارجي ويل ڏوهاري ۽ ٽن نامعلوم ڏوهارين تي داخل ڪيو ويو. مارجي ويل مبينا ڏوهاري جي وارثن جو موقف آهي ته اسان جي نوجوان کي پوليس بيگناهه گرفتار ڪري ڪوڙو پوليس مقابلو ڏيکاري ماريو آهي. هو مزدوري ڪري پنهنجي ٻچن جو پيٽ پاليندو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button