اسلام آبادپاڪستان

آزمائشي رٿا تحت 3 سالن ۾ 5 ايڪڙن تي ڀنگ پوکي ويندي:شبلي فراز

راولپنڊي;سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزير سينيٽر شبلي فراز سرڪاري سطح تي ڀنگ پوکڻ جي منصوبي جو باقاعدي طور افتتاح ڪري ڇڏيو. ايرڊ ايگريڪلچر يونيورسٽي ۽ سائنس واري وزارت جو ذيلي ادارو پاڪستان ڪائونسل آف سائنٽفڪ اينڊ انڊسٽريل ريسرچ گڏيل طور تي ان آزمائشي پراجيڪٽ تي ڪم ڪندا، جنهن تحت 3 سالن ۾ 5 ايڪڙن تي ڀنگ پوکي ويندي. ان سلسلي ۾ موٽر وي ڀرسان شروعاتي طور تي ڪليام جي علائقي ۾ هڪ ايڪڙ تي ڀنگ پوکڻ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي. افتتاحي تقريب سان خطاب ڪندي شبلي فراز چيو ته اسان ڀنگ جي شين جي برآمد به شروع ڪنداسين، جنهن سان وڏي ناڻي جي مٽاسٽا حاصل ٿيندي. ڀنگ جي ٻوٽي مان تيار ڪيل هڪ ليٽر سي بي ڊي تيل جي قيمت 10 هزار ڊالر آهي، اهو تيل دوائن ۾ به استعمال ٿيندو آهي. هن چيو ته هڪ ايڪڙ مان 10 ليٽر جي پيداوار ٿيندي آهي، اسان فخر سان ناڪاري پهلو رکندڙ ان فصل جو هاڪاري استعمال ڪنداسين، اربين ڊالرن جي اها مارڪيٽ آهي ۽ پاڪستان جلد کان جلد ان ڊوڙ ۾ شامل ٿيڻو آهي، ڇو ته اسان جي آبهوا ان لاءِ سازگار آهي. سندس چوڻ هو ته ان جو هڪ ٻج به 12 ڊالرن جو هوندو آهي، تنهن ڪري اسان ٻج جي پيداوار به شروع ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button