سنڌ

سينيئر صحافي گلشن شيخ جو مڙهه نئون ديرو ويجهو مٽي ما حوالي

ڪراچي جي سينيئر صحافي گلشن شيخ جو مڙهه ڪراچيءَ کان نئون ديرو ويجهو نصرت اسٽيشن وٽ اباڻي ڳوٺ بهمڻ آندو ويو. لاش پهچڻ تي گهر ۾ روڄ راڙو ۽ دانهون پئجي ويون. گلشن شيخ جي جنازي نماز ڳوٺ جي ريلوي ڦاٽڪ وٽ ادا ڪرڻ بعد مڙهه کي اباڻي قبرستان ۾ آلين اکين ساڻ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. آخري رسمن ۾ صحافين سرڪش سڌايو، اعجاز چانڊيو، جاويد سولنگي، لطيف سولنگي، رحمت الله موريو، رحمت ڀٽو، عبدالقادر اوڍو، رشيد ابڙو، نورمحمد سومرو، سليم رضا سولنگي، شيرمحمد بروهي، عبدالحميد عارباڻي، لالا برڪت بلوچ، نثار شيخ، عظيم ميئو سميت شيخ برادري وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي يونين آف جرنلسٽس لاڙڪاڻو ۽ شهيد راڻي بينظير پريس ڪلب نئون ديرو پاران 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button