اسلام آبادپاڪستان

ملڪ ۾ مهانگائي جي لهر عارضي آهي،جلد ختم ٿي ويندي:وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي جي لهر عارضي آهي. پاڪ چين اقتصادي راهداري(سي پيڪ) تي ڪم جي رفتار تيز ٿيڻ سان قيمتن ۾ جلد گهٽتائي اچي ويندي. ڪالهه وزيراعظم عمران خان سنڌ جي شهر مٽياري کان لاهور 886 ڪلو ميٽر ڊگهي 600 ڪي وي بجلي جي نئين ٽرانسميشن لائن جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته هن ۾ لائن لاسز تقريبن 4 سيڪڙو آهن. جڏهن ته ان کان اڳ لائن لاسز 17 سيڪڙو هئا. هڪ سيڪڙو لائن لاسز سان ملڪ کي ڪيترن ئي اربن جو نقصان ٿيندو آهي. عمران خان ٻڌايو ته اسان جي بجلي جي ورهاست واريون لائنون تمام گهڻيون پراڻيون ٿي چڪيون آهن جنهن سبب لائن لاسز وڌيڪ آهن. خاص طور تي پشاور اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني(پيسڪو) جا لائن لاسز تمام وڌيڪ آهن جنهن سبب اسان بجلي هوندي به صارفين تائين نٿا پهچائي سگهون جنهن جي نتيجي ۾ عوام کي تڪليف ٿيندي آهي. پراڻين لائنن تي سرمائيڪاري نه ٿيڻ سبب لوڊ شيڊنگ ٿئي ٿي. مٽياري کان لاهور اسٽيٽ آف دي آرٽ جديد ترين ٽرانسميشن لائن وڇائي آهي ۽ اڃان ٻين لائنز تي به سيڙپڪاري ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته سي پيڪ جي شروعات بجلي جي پيداوار سان ٿي آهي جنهن ۾ روڊ ۽ پوءِ ٽرانسميشن جا منصوبا شامل ڪيا ويا. ايندڙ مرحلو صنعتڪاري جو آهي. ان کان سواءِ ملڪ ۾ دولت نٿي اچي سگهي. دولت ايندي ته اسان ملڪ جا قرض لاهي سگهون ٿا. مقروض گهر پنهنجي آمدني وڌائي ئي قرض لاهيندو آهي. عمران خان وڌيڪ چيو ته سي پيڪ جي رفتار وڌيڪ تيز ڪئي ويندي. ڪرونا سبب ڪافي پريشانيون آيون، پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ عام واهپي وارين شين جي قيمتن ۾ واڌ ٿي آهي پر اهي عارضي آهن جيئن جيئن ڪرونا ويڪسين لڳندي وڃي پئي تيئن وبا جو ڊپ گهٽ ٿي رهيو آهي. اميد آهي ته ويڪسين سبب ايندڙ لهر تمام گهٽ هوندي ۽ سي پيڪ منصوبن جي رفتار تيز ٿي ويندي ۽ مهانگائي جي عارضي مشڪل جنهن کي اسان منهن ڏئي رهيا آهيون اها به هيٺ اچي ويندي. واضح رهي ته 886 ڪلو ميٽر ڊگهي ٽرانسميشن لائن 4000 ميگاواٽ بجلي ورهاست ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي ۽ ان جي لاءِ 1973 ٽاور تعمير ڪيا ويا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button