سنڌ

رتوديرو ويجهو ڏاڍائي جي شڪار نينگر جي وارثن جو لاڙڪاڻي ۾ احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ مبينا بدفعلي جي شڪار نينگر جي وارثن پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي رتوديرو جي ڳوٺ ٻاجهي خان گوپانگ جي رهواسي پورهيت پنهنجي گهرواري ۽ ٻين مائٽن سميت دانهيندي الزام لڳايو ته گذريل جمعي تي 8 ورهين جو معصوم جو پٽ ٻڪريون چاري رهيو هو ته ڳوٺ جي اوباش ٻن نوجوانن کيس کنڀي کڻي وڃي بدفعلي جو نشانو بڻايو. جنهن بعد اسان واقعي واري هنڌ پهچي نينگر کي بيهوشي حالت ۾ کڻائي گهر آندو، واقعي جي اين اين سي نئون ديرو ٿاڻي تي داخل ڪرائي آهي، ليٽر ملڻ بعد نئون ديرو اسپتال مان ميڊيڪل ڪرايو آهي. هنن دانهيندي چيو ته واقعي کي ٻه ڏينهن گذري ويا پر پوليس جوابدارن خلاف ڪابه ڪارروائي ناهي ڪئي. هنن ڊي آ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻي کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي پٽ سان ڏاڍائي ڪندڙ ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڏياريو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button