سنڌ

مهراڻ يونيورسٽي جي ملازمن ليو انڪيشمينٽ نه ملڻ خلاف احتجاج

مهراڻ يونيورسٽي جي ملازمن کي هر سال ملندڙ ليوانڪيشمينٽ هن ڀيري نه ملڻ خلاف ملازمن جي يونين ميوا جي سڏ تي ميوا صدر علي محمد شورو، جنرل سيڪريٽري غلام شبير بلوچ، ڪاشف علي عباسي، ھاشم ڏاهاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٻئي ڏينهن به سنڌ يونيورسٽي سي اين جي اسٽيشن کان ريلي ڪڍي شهر جي مک چوڪ تي ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته يونيورسٽي انتظاميا کي ليوانڪيشمينٽ لاءِ درخواست ڏيڻ باوجود هر سال ملازمن کي ملندڙ ليو انڪيشمينٽ اڃان نه ڏني وئي آهي، جنهن سبب ملازمن ۾ بيچيني پکڙيل آهي، ڇاڪاڻ جو ملازم عيد جي موقعي تي ملندڙ ان ليو انڪيشمينٽ مان گهر ۽ پنهنجي ٻچن لاءِ خريداري ڪندا آهن. هنن چيو ته ڪجھ ڏينهن پهرين وائيس چانسلر ڊاڪٽر ڊاڪٽر طحه حسين سان ملاقات ٿي هئي جنهن ۾ هن اسان کي 22 اپريل 2022 تي ليوانڪيشمينٽ ڏيڻ جي خاطري ڪرائي هئي پر اسان کي ليو انڪيشمينٽ نه ڏني وئي جنهن سبب مجبور ٿي احتجاج جو رستو اختيار ڪيو آهي. هنن چيو ته وي سي يونيورسٽي ۾ مالي خساري جو جواز ڄاڻائي ملازمن کي ليو انڪيشمينٽ ڏيڻ کان انڪار ڪري رهيو آهي، جڏهن ته انتظاميا جا پنهنجا شاهي خرچ جيئن جو تيئن جاري آهن. هنن مطالبو ڪيو آهي ته ملازمن کي ليو انڪيشمينٽ ڏئي بيچيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ سومر جي ڏينهن اي سي ٽو اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button