پاڪستانسنڌ

91 ٺاهه تحت پاڻي نه مليو ته سي سي آ ۾ آواز اٿارينداسين: ڄام خان شورو

آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير ڄام خان شورو چيو آهي ته جيڪڏهن هاڻي ربيع جي پاڻي جي ورڇ 91 کان علاوه ڪنهن ٻئي فارمولي تحت ڪئي وئي ته سي سي آ ۾ آواز اٿاريو ويندو، ارسا ۾ موجود بلوچستان جو نمائندو نه صرف سنڌ پر بلوچستان جي پاڻي مفادن کي نقصان رسائي رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه حيدرآباد ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي پ پ سنڌ جي سيڪريٽري عاجز ڌامراهه ۽ ايم پي اي عبدالجبار خان سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران ڪيو. ڄام خان شورو چيو ته پاڻي ورڇ متعلق ارسا ايڊوائزري ڪميٽي اجلاس ۾ سنڌ جي ٽيم سان طنزيه سلوڪ ڪيو ويو، اجلاس ۾ ربيع جي پاڻي جي ورڇ نئين فارمولي تحت ڪرڻ تي سنڌ جي نمائندن شديد اعتراض واريا ۽ اجلاس جو بائيڪاٽ ڪيو. هن چيو ته 1991ع پاڻي معاهدي ۾ واضح آهي ته پاڻي جي ورڇ ڪهڙي ريت ٿيندي، پر جيڪڏهن ان معاهدي کي ڇڏي پاڻي جي ورڇ ڪئي وئي ته اها غيرقانوني ۽ غيرآئيني هوندي. هن چيو ته ارسا ٽيڪنڪيل ڪميٽي جي جائزي مطابق ربيع ۾ 27 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ هوندي، جيڪو اسان برداشت نه ڪنداسين ته سنڌ پاڻي جي کوٽ وڌيڪ برداشت ڪري ۽ ٻيا صوبا گهٽ ڪن. هن چيو ته پاڻي معاهدي تحت ڊائون اسٽريم ۾ 10 ايم ايف پاڻي ڇوڙ ڪرڻو آهي، پر اهو پاڻي به سنڌ کي نٿو ملي، جنهن سبب سنڌ جي 32 لک ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي چڪو آهي، خريف ۾ سنڌ سان وڏي زيادتي ٿي، اپريل جو پاڻي آگسٽ ۾ ڏنو ويو. هن چيو ته جيڪڏهن سنڌ کي اعتماد ۾ وٺڻ بغير پاڻي جي ورڇ ڪئي وئي ته عمل غيرقانوني ۽ غير آئيني هوندو، جڏهن ته ارسا کي اهو حق ناهي ته هو پنهنجي مرضي هلائي، اهو صرف سنڌ جو نه پر پوري پاڪستان جو نقصان آهي. هن چيو ته ارسا ۾ موجود بلوچستان جو ميمبر سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻڻ ۾ برابر جو شريڪ آهي، بلوچستان جون سياسي جماعتون پنهنجي نمائندي جي ڪردار کي ڏسن ته هو صرف سنڌ نه پر بلوچستان جي مفادن کي نقصان پهچائي رهيو آهي. هن چيو ته ارسا پهرين نيشنل واٽر پاليسي جوڙي ۽ پو نيشنل واٽر ڪائونسل، جڏهن ته نيشنل واٽر ڪائونسل کي سي سي آ وارا اختيار ڏنا آهن، پر نيشنل واٽر ڪائونسل جي ڪابه آئيني ۽ قانوني حيثيت ناهي، پاڻي جي معاملي ۾ حتمي فيصلو ڪرڻ جو اختيار سي سي آ کي آهي. هن چيو ته اسان جڏهن ڪراچي لا ٻارنهن سئو ڪيوسڪ اضافي پاڻي گهريو ته اهو ڪيس نيشنل واٽر ڪائونسل کي موڪليو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button