سنڌ

لاڙڪاڻي صحت کاتي ۾ڊيلي ويجز ڀرتين لا نه گهرائڻ تي آپڪا جو احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ آپڪا يونٽ ڊي ايڇ او طرفان ڪرونا وائرس ۾ ٿيندڙ انٽرويو ۽ ڀرتين ۾ ڪال نه ڪرڻ خلاف مڪمل قلم ڇڏ هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن نصرالله جاگيراڻي، مبين خان ٻرڙو، لياقت منگي، محمد علي بروهي، سرفراز، زاهد کوکر، عبدالوحيد شيخ، مختيار جگيراڻي، رحمت ابڙو، ارشاد منگي، محبوب بروهي ۽ ٻين چيو ته ڪرونا وائرس لاءِ ڊيلي ويجز ڀرتين اخبار ذريعي 1400 درخواستون ڊي ايڇ او آفيس جمع ڪرايون ويون پر ڊي سي آفيس جي حڪمن تي فائل درخواستن جا ڪمپيوٽرائيزڊ لسٽون گهرائي انهن کي شارٽ لسٽ ڪري 300 کان 400 سفارشي اميدوارن کي انٽرويو لاءِ گهرايو ويو. ملازمن ۽ ڪلارڪن جي اولاد کي به انٽرويو ۾ نه گهرايو ويو. هنن وڏي وزير، چيف سيڪريٽري، صحت سيڪريٽري، ڪمشنر کي اپيل ڪئي ته سمورن اميدوارن کان انٽرويو وٺي ميرٽ مطابق ڊيلي ويجز لاءِ ڀرتيون ڪيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button