سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ سيپڪو جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي ڌرڻو

لاڙڪاڻي جي محمد پور محلي واسين سيپڪو جي مبينا زيادتين خلاف باقراڻي روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي محمد ياسين، رياض احمد، صفدر علي، غلام محمد ۽ ٻين چيو ته اسان جي محلي محمد پور ۾ گذريل ڏينهن کان بجلي بند ڪري سيپڪو وارن ننڊون حرام ڪري ڇڏيون آهن بجلي بند هجڻ ڪري پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان آهيون، گذريل ڪيترن مهينن کان سيپڪو وارن لوڊشيڊنگ واري فيڊر مان بجلي ڏئي جيئڻ جنجال ڪيو آهي، ٽائيم تي بل ادا ڪرڻ باوجود سيپڪو عملدارن بجلي بحال ناهي ڪئي، جيڪا ناانصافي آهي. هنن سي او سيپڪو سکر، اي سي سيپڪو لاڙڪاڻو کان مطالبو ڪيو ته اسان کي زيرو لوڊشيڊنگ فيڊر مان بجلي ڏني وڃي

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button