سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ قتل ڪيل عورت جي ڪيس ۾سندس مڙس گرفتار

لاڙڪاڻي ۾ گهرو اڻبڻت تان ڪجهه ڏينهن اڳ مڙس هٿان قتل ٿيل ٻن ٻارن جي ما عورت ثريا ڪلهوڙو جي قتل ڪيس ۾ نامزد مُک جوابدار مقتولا جي مڙس سجاد پٺاڻ کي سچل ٿاڻي جي پوليس چانڊڪا پل وٽان قتل ۾ استعمال ٿيل پسٽل ۽ گولين سميت گرفتار ڪري ورتو. پوليس ٻڌايو ته مقتولا ثريا واقعي جو ڪيس سندس ڀاءُ جي فرياد تي داخل ڪيو ويو هو، جنهن بعد پوليس چانڊڪا پل وٽ ڪارروائي ڪندي مُک جوابدار کي پسٽل ۽ گولين سميت گرفتار ڪيو آهي. پوليس ٻڌايو ته ساڳي ئي ڪيس ۾ ٽي جوابدار عبدالوحيد پٺاڻ، عبدالسعيد پٺاڻ ۽ اعجاز پٺاڻ اڳ گرفتار ٿيل آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button