اسلام آبادپاڪستان

ڪرونا وگهي 56 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، فوتين جو انگ 27 هزار 785 ٿي ويو

اسلام آباد:ڪرونا وائرس وگهي 56 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن، جنهن کانپوءِ فوتين جو انگ 27 هزار 785 ٿي ويو آهي. پاڪستان ۾ ڪرونا جي تصديق ٿيل ڪيسز جو انگ 12 لک 46 هزار 538 ٿي ويو آهي. ڪالهه نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ هزار 411 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا. پنجاب ۾ 4 لک 31 هزار 666، سنڌ ۾ 4 لک 57 هزار 928، خيبرپختونخوا ۾ هڪ لک 74 هزار 17، بلوچستان ۾ 32 هزار 926، گلگت بلتستان ۾ 10 هزار 328، اسلام آباد ۾ هڪ لک 5 هزار 516 جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 34 هزار 157 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. ملڪ ۾ هينئر تائين هڪ ڪروڙ 94 لک 35 هزار 155 مريضن جا ٽيسٽ ڪيا ويا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 49 هزار 49 نوان ٽيسٽ ڪيا ويا. هينئر تائين 11 لک 70 هزار 590 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. جڏهن ته 3 هزار 649 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. پاڪستان ۾ ڪرونا وگهي هڪ ڏينهن دوران 56 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن، جنهن کانپوءِ موذي وائرس وگهي فوت ٿي ويلن جو انگ 27 هزار 785 ٿي ويو آهي. پنجاب ۾ 12 هزار 637، سنڌ ۾ 7 هزار 407، خيبرپختونخوا ۾ 5 هزار 547، اسلام آباد ۾ 924، بلوچستان ۾ 348، گلگت بلتستان ۾ 184 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 738 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button