سنڌ

باقراڻي پوليس جي مختلف ڳوٺن تي چڙهائي خلاف احتجاجي مظاهرو

باقراڻي تعلقي جي مختلف ڳوٺن وڌو لاشاري، عبدالله لاشاري، عبدالفتاح لاشاري، يار محمد لاشاري، اشرف لاشاري، غلام قادر لاشاري جي جي اڳواڻي ۾ درگاهه مشوري شريف روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي حاجي احمد لاشاري، قربان لاشاري، هادي بخش لاشاري، عبدالفتاح لاشاري، خدا بخش، عبدالستار، خادم، محرم لاشاري ۽ ٻِين دانهيندي چيو آهي ته ٻن ڏينهن کان وٺي لاڙڪاڻو پوليس ڳوٺ بيدي لاشاري تي چڙهائي ڪري گهرن ۾ گهڙي چادر ۽ چو ديواري جو تقدس پائمال ڪري عورتن، معصوم ٻارڙن مٿان تشدد ڪري کنڀي کڻي وئي. پوليس گهرن مان سونا زيور، روڪ رقم، اناج ۽ ٻيو سامان ڦرلٽ ڪري کڻي ويا. هنن چيو ته ڳوٺ بيدي لاشاري توڙي لاشاري برادري جي چڱي مڙس بادل خان لاشاري سميت ٻين ڳوٺاڻن مٿان بيگناهه ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. هنن چيو ته بادل خان لاشاري ڪو ڏوهاري ناهي. لاڙڪاڻي ضلعي جي پوليس ڳوٺ بيدي لاشاري تي بيگناهه چڙهائي ڪري پوليس گردي جي انتها ڪري ڇڏي آهي. هنن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته جاچ ڪرائي پوليس پاران گرفتار ڪيل عورتن ۽ ٻارڙن کي آزاد ڪري لاشاري برادري سان انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button