سنڌغير درجه بندي

جيڪب آباد پوليس هيڊڪوارٽر ۾ ڇوڪري سان اجتماعي لڄالٽ

جيڪب آباد ۾ ڇوڪري سان اجتماعي لڄالٽ جو انڪشاف ٿيو آهي. خبر موجب، جيڪب آباد جي سول لائن ٿاڻي جي حد اي ڊي سي ڪالوني جي رهواسڻ 14 ورهين جي ڇوڪري سان اجتماعي لڄالٽ ٿي آهي. سول لائن ٿاڻي تي متاثره ڇوڪري جي چاچي جي فرياد تي پنجن جوابدارن تي ڪيس داخل ڪيو ويو. ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته منهنجي ڀائيٽي کي پنجن جوابدارن زبردستي زنا جو نشانو بڻايو آھي، ان سلسلي ۾ ايس ايس پي ڊاڪٽر سُمير نور چنا رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ناري جي چاچي پنجن جوابدارن تي اجتماعي لڄالٽ جو ڪيس داخل ڪرايو آهي، جنهن ۾ ڄاتل ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، گرفتار جوابدارن جي ڊي اين اي لاءِ جزا وٺي ليبارٽري اماڻيا ويندا. واضح رهي ته هڪ رات اڳ جوابدارن پوليس هيڊ ڪوارٽر ۾ ڇوڪري کي اجتماعي لڄالٽ جو نشانو بڻايو هو جنهن ۾ ٻه جوابدار پوليس اهلڪارن جا پٽ آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button