پاڪستانسنڌ

سنڌ جي 6 ترقي پسند ۽ قومپرست پارٽين چونڊون وڙهڻ لا پارلياماني اتحاد ٺاهڻ تي اتفاق ڪري ورتو

حيدرآباد(رپورٽ: يوسف ميربحر) سنڌ جي 6 ترقي پسند ۽ قومپرست پارٽين چونڊون وڙهڻ لا سنڌ ۾ نئون پارلياماني اتحاد ٺاهڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي. نئون اتحاد ٺاهڻ تي اهڙو اتفاق سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ميزباني هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ڪيو ويو، اجلاس جي صدارت ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي ڪئي، جنهن دوران قومي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجو، مظهر راهوجو، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي امير حسن پنهور، امير ٿيٻو، عوامي جمهوري پارٽي جي لال شاهھ، حريف چانڊيو، پورهيت مزاحمت تحريڪ جي نثار لغاري، سوشل ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي عالم بروهي، جي آر بلوچ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ ملڪ ۽ سنڌ جي سياسي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. اجلاس سنڌ ۾ پارلياماني اتحاد جي لاءِ تفصيلي غور ويچار ڪندي سنڌ مٿان حق حاڪميت، سنڌ جي قومي وحدت جي بقا، ڌاري آبادڪاري، سنڌي ٻولي کي قومي جو درجو ڏيارڻ، توانائي ۽ روزگار جي وسيلن جي مالڪي قبول ڪرڻ، شفاف آدمشماري، مفت معياري تعليم، عام ماڻهن جي جان و مال جو تحفظ، سنڌ جي ناڻي ۽ وسيلن جي مالڪي، ڌاري آبادڪاري سنڌ ۽ پاڪستان ۾ ڪرپشن جي مڪمل خاتمي سميت ٻارنهن نقطن تي اتفاق ڪيو ويو. اجلاس ۾ اتحاد جي نالي ۽ جهنڊي تي اتفاق ڪيو ويو، جنهن جو اعلان ايندڙ اجلاس ۾ ڪيو ويو ويندو ۽ اجلاس 10 مئي ترقي پسند ھائوس تي سڏائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. هوڏانهن سنڌ ترقي پسنڌ پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته اڄوڪي اجلاس ۾ بنيادي 6 پارٽين شرڪت ڪئي آهي، جن گڏيل طور سياسي ايجنڊا طئه ڪيو آهي ۽ هن وقت اتحاد جي ضرورت آهي يا نه ان بابت سموريون پارٽيون رضامند آهن ته اتحاد جي ضرورت آهي، هن وقت پارلياماني سياست ڪرڻ لا سنڌين کي گڏيل فورم جي ضرورت آهي، جيڪو رڳو اليڪشن لا نه پر مجموعي سنڌ جا جيڪي سياسي ۽ قومي مسئلا آهن انهن لا متبادل هجي. هن چيو ته هن اتحاد جو نالو فائنل ڪرڻ سان گڏوگڏ ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو آهي ته هن اتحاد جو هڪ جهنڊو هوندو ۽ ڪوبه پنهنجي پارٽي جو جهنڊو الڳ الڳ کڻي نه ايندو.

هن چيو ته اتحاد بابت جيڪو به اندروني جوڙجڪ وارو مرحلو آهي اهو مڪمل ڪري ورتو آهي، اڄوڪي اجلاس ۾ ٻين سياسي پارٽين جا سربراهه ڪجهه مصروفيتن ڪري نه اچي سگهيا آهن، جنهن سبب فيصلن ۾ ڪجهه دير ٿي آهي ۽ اڳئين اجلاس ۾ اهي دوست به اچي ويندا، ائين هرگز نه سمجهيو وڃي ته اڄ ڪوبه اعلان ڪرڻو هيو، جيڪو پارٽي سربراهن جي نه اچڻ سبب نه ٿي سگهيو آهي، ائين نه آهي. هن ماضي ۾ ٺهيل اتحادن جو سٺو تجربو نه رهڻ بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته مستقل اتحاد ٺهي سياسي ايجنڊا سان، مستقل جهنڊو هجي ۽ مستقل قيادت هجي ته جئين اتحاد ڊگهي عرصي تائين هلي سگهي، پر ڪجهه تجويزون آيون آهن ته قيادت ۾ تبديليون اچن، جنهن ته فيصلو ٿيڻو آهي. هن چيو ته اسان ان خوشفهمي جو شڪار ناهيون ته هي اتحاد ٽٽندو ئي ڪونه ۽ ڪابه پارٽي ڌار نه ٿيندي، جيتري تائين ايس ٽي پي جي ڳالهه آهي ته آئون پنهنجي ذميواري سان چوان ٿو ته آخري وقت تائين هن جدوجهد ۽ اتحاد کي گڏ رکنداسين، پر هن وقت جيڪي به پارٽيون هن اتحاد جو حصو ٿيڻ لا اچن پيون اهي انتهائي ذميواري سان پيون اچن، جن جي ڇڄڻ واري ڪابه اهڙي صورتحال ناهي.

قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي جڙندڙ پارلياماني اتحاد کي 6 تجويزون پيش ڪيون آهن ته ڪنھن به عوامي تعاون ۽ موٽ تي دارومدار رکندڙ گڏيل جدوجھد، سھڪار ۽ اتحاد جي بنيادي ايجنڊا ۾ ھي اھم ترين اسم ضرور شامل ھئڻ گھرجن، جنهن ۾ سنڌ جي وحدت جو تحفظ، پاڻي، پيٽرول، گيس، ڪوئلي، بجلي، معدنيات ۽ جزيرن سميت سنڌ جي سمورن وسيلن ۽ انھن جي ٽيڪسز جي مالڪي، نون يونٽن جي سازش ۽ معاھدن جو خاتمو، سمورن نون ڊيمز ۽ ڌاڙيل ڪينالن ٽي پي، سي جي، ٿل جو خاتمو، سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ، ڳوٺن ۽ شھرن جو تحفظ، گورننس جي بھتري، تعليم، صحت، بلديه، آبپاشي، ريوينو ۽ روڊن سميت سموري نظام جي بھتري، ميرٽ جي اوليت، نوجوانن، ۽ شاگردن لاءِ روزگار ۽ ترقي جا موقعا پيدا ڪرڻ، وفاقي ۽ ڪارپوريٽ نوڪرين ۾ جائز حصو، سنڌ جي ڳوٺن جي گھٽ ڏيکاريل آدمشماري جي درستگي، اين ايف سي ۾ ٽيڪسز ۽ وسيلن آڌار جائز وڌيل حصو. ڪراچي ۾ ڌرتي ڌڻين جا آبادڪاري، چونڊ سڌارا، انصاف جي فراھمي، سمورن سياسي ۽ گم ڪيل قيدين جي آزادي، انساني حقن ۽ اقليتن،عورتن ۽ ٻارن جي بنيادي حقن جو تحفظ، غربت ۽ مھنگائي جو خاتمو، سماج م سھپ ۽ برابري کي وڌائڻ، دھشتگردي، ڏوھن ۽ لاقانونيت جو خاتمو، ھارين، مزدورن ۽ ملازمت پيشه ماڻھن جي زندگي ۾ بھتري، اليگل اميگرينٽس ۽ پرڏيھين جي نيڪالي، ڪرپشن جو مڪمل خاتمو هجي. اياز لطيف پليجو اتحاد کي اها پڻ تجويز ڏني ته گڏيل جدوجھد، سھڪار يا اتحاد ۾ شامل ڌرين جي سمورن اڳواڻن ۽ ڪارڪنن لاءِ اھو لازمي شرط ھئڻ گھرجي ته ھو شامل ٻين ڌرين جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جو مڪمل عزت ۽ احترام ڪندا، گفتگو، تقرير، تحرير ۽ سوشل ميڊيا ذريعي پاڻ ۾ ڪوبه ٽڪراءُ ۽ نفرتون پيدا نه ڪندا ۽ ھڪ ٻي سان سھڪار ۽ تعلقات وڌائڻ لاءِ ڏاڪي به ڏاڪي مثبت پيش رفت ڪندا. شامل سمورين ڌرين، اڳواڻن ۽ ڪارڪنن لاءِ اھو پڻ لازمي ھوندو ته اھي پاڻ ۾ تنقيد برداشت ڪرڻ جو حوصلو پيدا ڪندا، نامناسب الزام تراشين جي جواب ۾ پاڻ الزام تراشيون نه ڪندا ۽ سول سوسائٽي، قلمڪارن، پروفيشنلز، سياسي ڌرين، عورتن، اقليتن ۽ عام ماڻھن سان فضيلت ڀريا، برداشت، رواداري، پارلياماني زبان ۽ تحرير وارا ۽ باخلاق سلجھيل رويا اختيار ڪندا.

سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي نائب صدر امير آزاد پنهور چيو ته اسين چاهيون ٿا ته سنڌ دوست ڌرين جو گڏيل اليڪشني اتحاد جڙي، جنهن لا مرحليوار سلسلو وڌي رهيو آهي ۽ ڪجهه فيصلا ٿي رهيا آهن، اڄوڪو اجلاس به ان جي ڪڙي آهي. هن چيو ته اميد آهي ته جلد هڪ سگهارو عوامي متبادل ڏئي سگهنداسين. عوامي جمهوري پارٽي جي سربراهه لال شاهه چيو ته سنڌ جي مسئلن بابت آواز اٿارڻ لا جيتوڻڪ سنڌ ايڪشن ڪميٽي موجود آهي، پر پارلياماني سطح تي سياست ڪندڙ جيڪي به سنڌ وطن دوست، قومپرست ۽ روشن خيال پارٽيون آهن اهي الڳ الڳ پارلياماني سياست ڪري رهيون آهن، جيڪي گڏجي هڪ ٿي پنهنجو موقف ڏين، ان لا ڊاڪٽر قادر مگسي پاران سڏايل ڪانفرنس ۾ فيصلو ٿيو هو ۽ اڄ ان سلسلي بابت اجلاس به ٿيو ته هڪ جهنڊي تحت گڏجي پارلياماني سياست ڪبي، جنهن لا اسان پراميد آهيون ۽ ظاهر آهي هڪ ڏينهن ۾ ئي فتح نه ملندي.

پورهيت مزاحمت تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر ڪامريڊ نثار لغاري چيو ته اسان هن اتحاد کي خوش آئند سمجهون ٿا. هن چيو ته پ پ کان علاوه اليڪشني خال آهي ۽ هي اتحاد اهو خال ڀريندو، سنڌ ۾ ڪوبه سياسي متبادل نه هئڻ ڪري پ پ فري هينڊ آهي، جنهن سبب وطن جي وحدت خلاف پاليسيون اچڻ سان گڏوگڏ ڪرپشن عروج تي آهي ۽ ترقياتي ڪم نه ٿيڻ برابر آهن، آئون سمجهان ٿو ته هن اتحاد جڙڻ سان اهي شيون رڪبيون ۽ هڪ چيڪ اينڊ بيلنس قائم ٿيندو. هوڏانهن ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته سنڌ جي قومپرست، وطن دوست ۽ سنڌ دوست سياسي پارٽين تي جڙيل پارلياماني اتحاد لا “سنڌ ڊيموڪريٽڪ پارلياماني الائنس” وارو نالو سرفهرست آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button