لاڙڪاڻي ۾ وارهه جي حمل پاڙي واسي سماجي ڪارڪن وارهه ۾ پاڻي کوٽ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. سماجي ڪارڪن رياض ڪلهوڙو عرف جئي ڪال دانهيندي چيو ته وارهه ۾ هن سال زرعي پاڻي جي کوٽ سبب لکين ايڪڙ زمينن جو ٻيجارو سڙي ويو آهي پر هاڻي شهرين کي واٽر سپلا مان ملندڙ پاڻي بند ڪري ظلم ڪيو پيو وڃي. جديد دور ۾ بنيادي ضرورت پيئڻ جو پاڻي نه ملڻ تي وارهه جو عوام لڏپلاڻ تي مجبور آهي. هن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل ڪئي ته وارهه ۾ پاڻي کوٽ جو نوٽيس وٺي چونڊيل نمائندن ۽ آبپاشي عملدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close