سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ وارهه جي سماجي ڪارڪن جو پاڻي کوٽ خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ وارهه جي حمل پاڙي واسي سماجي ڪارڪن وارهه ۾ پاڻي کوٽ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. سماجي ڪارڪن رياض ڪلهوڙو عرف جئي ڪال دانهيندي چيو ته وارهه ۾ هن سال زرعي پاڻي جي کوٽ سبب لکين ايڪڙ زمينن جو ٻيجارو سڙي ويو آهي پر هاڻي شهرين کي واٽر سپلا مان ملندڙ پاڻي بند ڪري ظلم ڪيو پيو وڃي. جديد دور ۾ بنيادي ضرورت پيئڻ جو پاڻي نه ملڻ تي وارهه جو عوام لڏپلاڻ تي مجبور آهي. هن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل ڪئي ته وارهه ۾ پاڻي کوٽ جو نوٽيس وٺي چونڊيل نمائندن ۽ آبپاشي عملدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button