پاڪستانسنڌ

عوام تاريخي مهانگائي جي باهه ۾ سڙي رهيو آهي: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي: پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري تيل اسمن جي قيمتن ۾ واڌ کي رد ڪندي چيو آهي ته عوام تاريخي مهانگائي جي باهه ۾ سڙي رهيو آهي. پيٽرول اگهن ۾ وڌيڪ واڌ ٻرندڙ ٽانڊن کي هوا ڏيڻ برابر آهي.

بلاول هائوس مان جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پي ٽي آئي حڪومت لاءِ تيل اسمن تي ٽيڪس ۽ روينيو آمدني جو اهم ذريعو آهي، عمران خان جي حڪومت ۾ عوام رليف ۽ ڪنهن سٺي خبر ٻڌڻ لاءِ سڪي رهيو آهي.

هن چيو ته ملڪ ۾ لوٽمار سيل جاري آهي خان صاحب پنهنجو ٽن سالن جو اقتداري دور صرف عوام مان تيل ڪڍڻ تي وڃائي ڇڏيو آهي، فائدو صرف اي ٽي ايمز کي ڏنو ويو.

هن عمران خان کي مشورو ڏيندي چيو ته وسيع قومي مفاد ۾ هڪ ٻيو يوٽرن وٺڻ گهرجي، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته تيل اسمن جي اگهن ۾ واڌ، وڌيڪ ٽيڪس ۽ روينيو بنا دير واپس ورتي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button