سنڌ

لاڙڪاڻي ۾نصيرآباد واسي پيرسن جو زمين تي قبضي خلاف احتجاج

نصير آباد جي ڳوٺ سوني جويو واسي پيرسن پنهنجي پوٽن سان گڏجي زمين ۽ پلاٽ تي مبينا قبضي خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. پيرسن پيربخش جويو دانهيندي چيو ته سروي نمبر 564 ايراضي 2 ايڪڙ 31 گهنٽه ۽ پلاٽ تي بااثر قبضا مافيه مينهون ڏيپر قبضو ڪيو آهي، جن خلاف پوليس ۽ روينيو عملدارن کي شڪايتون ڪيون پر هن وقت تائين قبضو ختم ناهي ڪرايو ويو. هن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کي اپيل ڪئي ته زمين ۽ پلاٽ تان قبضو ختم ڪرائي انصاف ڏياريو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button