سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ غيرقانوني چندو وٺڻ تي پ ٽ الف خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ پ ٽ الف سٽي ۽ تعلقي جي اڳواڻن پاران غير قانوني چندو وٺڻ ۽ ڊگهي عرصي کان جنرل باڊي نه ڪرائڻ خلاف استادن ٻئي ڏينهن به پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي اڳواڻن غلام الله سانگي، افسر قريشي، ضمير علي گاد، جنيد کهڙو، محمد شريف عمراڻي، علي گوهر سانگي، خالد جتوئي، راجا ممتاز سومرو، عبدالڪريم، افتخار سومرو ۽ ٻين چيو ته پ ٽ الف جي نالي ۾غير قانوني 120 بدران 200 رپيا چندو وصول ڪيو پيو وڃي، جڏهن مرڪزي اليڪشن ئي ناهي ٿي ته هو بنا ڪنهن سڏ تي غير قانوني چندو وصول ڪري رهيا آهن.گذريل 20 سالن کان جنرل باڊي نه ڪرائڻ سان چونڊيل عهديدار آئيني طور نااهل ٿيندا آهن. هنن مطالبو ڪيو ته غير قانوني چندو وصول ڪرڻ جو عمل بند ڪيو وڃي نه ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button